سيد حاڪم علي شاهه بخاري

سيد حاڪم علي شاهه بخاري

حاڪم علي شاهه بخاري

حاڪم علي شاهه بخاري: سنڌ جو مشھور محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ. 15 فيبروري 1938ع تي ڳوٺ غلام چانڊيي تعلقي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو .سندس والد جو نالو سيد حاجن شاهه هو.مائٽن پهرين سندس نالو سيد علي اڪبر شاهه رکيو، پر اسڪول ۾ ويهارڻ وقت سندس نالو حاڪم علي شاهه رکيو ويو. ابتدائي تعليم غلام چانڊيي اسڪول مان حاصل ڪري 1950ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ ساڳئي سال انگريزي تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ داخلا ورتي،جتان 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪيو.انهيءَ سال انٽر ميڊيٽ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪمشنر دادوءَ جي دفتر ۾ ڪلارڪي مليس .1962ع ۾ روينيو کاتي جي نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ 1964ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو .ان وچ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ وارن کيس اسڪالرشپ ڏئي پشاور يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجيءَ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ٿيڻ لاءِ منتخب ڪيو .سال 1968ع ۾ پشاور يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجيءَ ۾ ايم .اي پهرين پوزيشن سان پاس ڪري آرڪيالاجي کاتي ۾، 1969ع ۾ ’گيلري اسسٽنٽ ‘طور موهن جي دڙي تي مقرر ٿيو.اهڙيءَ طرح آثار قديمه کاتي ۾ 29 سال ملازمت ڪري، 14 فيبروري 1998ع تي اوڻويهين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو. سيد حاڪم علي شاهه کي ملازمت دوران مختلف وقتن تي اٽلي ،جاپان ۽ برطانيه وڃڻ ۽ آثار قديمه جي علم بابت سکڻ جو موقعو مليو.کيس سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ سير سفر ۽ تحقيق ڪرڻ جا انيڪ موقعا مليا. هن کي تعليم تربيت ۽ اضافي ڪورسن جي سلسلي ۾ درجن کان وڌيڪ اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا.کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ رنگ ۽ عوامي ڪچهرين سان دلچسپي هئي .راڳ جي علم کان پڻ واقف هو۽ گڏوگڏ فنونِ لطيفه سان به وابسته رهيو.پاڻ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو اٿس ۽ هن ڪجهه ڊراما پڻ لکيا.ناميارو عوامي شاعر استاد بخاري سندس وڏو ڀاءُ هو. حاڪم علي شاهه آرڪيالاجي کاتي ۾ نوڪريءَ دوران هيٺين ماڳن تي کوٽائي/تحقيق ڪئي: 1 .اندان( Andan )سرحد صوبو ،سال 68-1967ع 2 .پيرڪ( Pirak )بلوچستان صوبو ،سال 70-1969 3 .هڪ مهيني لاءِ ڏکڻي سنڌ جي ماڳن جي پڙتال ،1973ع 4 .جهڪر( Jhukar )جو دڙو( سنڌ )،سال 1973ع 5 .پيرڪ( Pirak )بلوچستان(ٻيو ڀيرو)، 74-1973ع 6 .ذاتي طور سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ قديم ماڳن جي پڙتال. ان کانسواءِ ڪيترا تربيتي ڪورس به ڪيا، جهڙوڪ: 1 .”مهين جي دڙي جي ڀتين جو بچاءُ“- هڪ هفتي جو ڪورس ،جيڪو يونيسڪو طرفان 1976ع ۾ ڪيو. 2 .سيانو ،اٽليءَ ۾ ٻن مهينن جو اطالوي ٻولي سکڻ جو ڪورس ،ڊسمبر 1982ع کان جنوري 1983ع تائين . 3 .فلورنس اٽليءَ ۾ ،”تاريخي عمارتن جي ٻيهر بحاليءَ “جو ڪورس (5 مهينا )،1984ع . 4 .”ثقافتي ورثي جو بچاءُ “جي عنوان سان ڏهن ڏينهن جو نيشنل ميوزيم ۾ يونيسڪو طرفان 1984ع ۾ ٿيل ورڪشاپ ۽ سيمينار( سرٽيفڪيٽ ). 5 .ٻن هفتن لاءِ جپاني عجائب گهر جو دورو ،1985ع . 6 .آفيسرن لاءِ سيڪيورٽي جوڪورس ،اسلام آباد 1985ع .وغيره . 7 .ڏهن ڏينهن جو” ثقافتي ورثي جي درستحاليءَ “جي تربيت جو ايڊوانس ڪورس ،22 سيپٽمبر کان 5 ڊسمبر 1989ع، لاهور (سرٽيفڪيٽ) ان کان سواءِ هيٺين علمي ۽ سماجي عهدن تي ذميواريون نڀايائين: چيئرمين شهباز ايجوڪيشنل سوسائٽي،صدر دادو آرٽس ڪلب، استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جو باني ميمبر، دادو شهري اتحاد جو ميمبر، لال شهباز ڪمپيوٽر اڪيڊمي دادوءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس (2006ع) جو ميمبر. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي بيورو آف ٽرانسليشن ۽ پبليڪيشنز جي پينل جو ميمبر ،بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ شهيد بينظير آباد جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر. سندس هيٺيون تصنيفون ڇپيل آهن: ( 1 )Khirthar( English )ENI Pakistan Islamabad as Co-author (2) سنگيت سنسار( فرهنگ موسيقي شريڪ ليکڪ )، (3 )سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ، 2008-شريڪ ليکڪ )، (4 )آپ بيتي-جگ بيتي (محمد حسين پنهور جي سوانح جو انگريزيءَ مان ترجمو )، (6 )Kalhora Period Architecture (7 )Sindh Archives 2006 Author . (8) ڏيهي پرڏيهي ساز (شريڪ ليکڪ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ،ڄامشورو )،(9 )تعميرات جي لغت (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2010ع). حاڪم علي شاهه بخاري تحقيق جي حوالي سان مختلف ماڳن جا دورا ڪندو رهيو سنڌ آرڪائيوز کاتي پاران حيدرآباد آفيس ۾ ’آرڪيالاجي شعبي ‘جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو. 14 مئي 2021 ع تي وفات ڪئي.


لفظ حاڪم علي شاهه بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.02.15  عيسوي

سيد حاڪم علي شاهه بخاري سنڌ جو مشھور محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ. 15 فيبروري 1938ع تي ڳوٺ غلام چانڊيي تعلقي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو .


1998.02.14  عيسوي

1969ع ۾ سندس مقرري بحيثيت ’ گيلري اسسٽنٽ ‘ موهن جي دڙي تي ٿي . اهڙيءَ طرح آثار قديمه کاتي ۾ 29 سال ملازمت ڪري ، 14 فيبروري 1998ع ۾ اوڻويهين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بارٽل فريئر
شاڪر عباس سمراٽ
بدر الدين زاهدي
اوباما بارڪ
اويس قرنيِ حضرت
عبدالخالق راز سومرو ڊاڪٽر
ڪلال
عبدالغفور خطاط
جهانگيرعباسي
بيگن ٻارڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون